دريا خان راڄپر

دريا خان راڄپر: حـر تحـريـڪ جـي نامـور فقـيـر ۽ انگريزن خلاف جنگ جوٽيندڙ خان راڄپر'>دريا خان راڄپر، 1904ع ڌاري ڳوٺ جانڀيري، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس جي علائقي جي زميندار احدي خان راڄپر جي گھر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ئي منجھس دليري ۽ مهمان نوازيءَ جھڙيون خوبيون هيون. سندس خاندان پير ڳوٺ جي پاڳارن جو مريد هو. جڏهن پير سيد صبغت الله (سورهيه بادشاهه) انگريزن خلاف ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ حُر تحريڪ شروع ڪئي ته دريا خان ان تحريڪ ۾ شامل هو، جنهن دوران ڪيترن فقيرن سان سندس واقفيت ٿي، جن مان ضلعي سانگھڙ جو اسماعيل چانگ قابلِ ذڪر آهي، جنهن سان سندس گھرا تعلقات هئا. 1942ع ۾ جڏهن انگريزن پير پاڳاري سيد صبغت الله سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪيو ته رد عمل ۾ حرن انگريز حڪومت خلاف جدوجهد شروع ڪئي، جنهن دوران گوريلا گروپ جو بنياد پيو، جنهن ۾دريا خان راڄپر سميت ڦـوٽـو چـانگ (اسـمـاعيـل چـانگ)، عـلـي مـحـمـد راڄـپـر، جڙيو خاصخيلي، الله بچايو خاصخيلي، علي شير راڄپر ۽ ٻيا ڪيترا حر شامل هئا.
ان دوران دريا خان جي سربراهيءَ ۾ حر گوريلا تحريڪ ڪيتريون وارداتون سرانجام ڏنيون. هن انگريز لشڪر سان مهاڏو اٽڪائيندي سندن ڪيترن حامين کي قتل ڪيو ۽ انگريزن جي بارود ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري حرن کي کاڌ خوراڪ ۽ بارود پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. سيپٽمبر 1942ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ته حرن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران دريا خان جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ گوريلا گروپ خلاف به قهري ڪارروايون ٿيون. دريا خان رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ۾ پناهه ورتي ته ان ڳوٺ تي انگريز سرڪار چڙهائي ڪري ڳوٺ کي باهه ڏئي ڇڏي. ان حملي ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس صابن راڄپر ۽ حر گوريلا تحريڪ جو سپاهي علي محمد راڄپر قتل ٿي ويا، بعد ۾ انگريز سرڪار رياست جي واليِءَ تي زور ڀريو ته دريا خان کي پوري خاندان سميت پيش ڪري، ٻيءَ صورت ۾ انگريز سرڪار ساڻس ڪيل ٺاهه ٽوڙيندي، جنهن بعد دريا خان پنهنجي والد احدي خان راڄپر ۽ ڀائرن سومر خان راڄپر، الله بخش راڄپر ۽ جيئندي خان راڄپر سان گڏ ڪوٽڏيجيءَ واري قلعي ۾ميرن جي درٻار ۾ هٿيارن سميت اچي پيش پيو. ڪيترو عرصو پنهنجي خاندان سميت جيل ۾ گذاريائين. پاڪستان ٺهڻ بعد کيس خاندان سميت آزاد ڪيو ويو. دريا خان گھوڙي سواري ۽ لٺبازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو اڪثر قوالين جون محفلون ۽ ميلا ملاکڙا لڳرائيندو هو. سندس ريڊيو پاڪستان جي مشهور قوال حاجي فياض احمد سان ويجھا تعلقات هئا، جيڪو اڪثر وٽس ايندو رهندو هو. خان راڄپر'>دريا خان راڄپر 1966ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ دريا خان راڄپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو